احسن الاخلاق

احسن الاخلاق (ڪتاب ):هيءُ ڪتابڙو حافظ محمد احسن چنا جو لکيل آهي. هن ڪرائون سائيز جي ڪتاب ۾ صفحا 50 ۽ قيمت 3 آنا ڄاڻايل آهي. پهريون ڇاپو، پوڪرداس ائنڊ سنز، سنڌ پرنٽنگ پريس، شڪارپور مان 1935ع ۾ ڇپايو.هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو به پوڪرداس ائنڊ سنز، ساڳي پريس مان 1937ع ۾ ڇپايو. ساڳئي ڪتاب جو ٽيون ڇاپو، ڪمال الدين ميمڻ، مسلم ادبي پرنٽنگ پريس حيدرآباد مان 1937ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڇاپي جي قيمت 6 آنا ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو